SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Nuclear Umbrella

(click word to listen sound
  • 🔊
  • njuːkliər
  • ʌmbrelə
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Nuclear Umbrella

نيوڪلير امبريلا

نيوڪليائي ڇَٽي

ڪنهن به ملڪ ۾ جيڪڏهن نيوڪليرائي ٽيڪنالاجي ۽ ان منجهان ٺهيل هٿيار موجود هجن ۽ اهو ساڳي ٽيڪنالاجيءَ يا صلاحيت کان محروم مُلڪ کي نيوڪليائي ٽيڪنالاجي فراهم ڪري يا وقت اچڻ تي استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏئي، ته نيوڪليائي صلاحيت حاصل ڪندڙ مُلڪ نيوڪليائي ڇٽيءَ (Nuclear Umbrella) هيٺ آيل مُلڪ سڏائيندو آهي. دُنيا ۾ وڌندڙ نيوڪليائي لاڙن کي روڪڻ ۽ اهڙي صلاحيت کي هڪ هنڌ محفوظ ڪري، ٻين مُلڪن کي تحفظ جو احساس ڏيارڻ جي حوالي سان، هن اصطلاح عالمي برادريءَ ۾ تمام گهڻي شهرت ماڻي. آمريڪا طرفان ”نيٽو“ اتحاد ۾ شامل غير نيوڪليائي ملڪن جي دلداريءَ ۽ تحفظ لاءِ ۽ هن اصطلاح جي استعمال تي تمام گهڻو زور ڏنو . خاص طور ”ٿڌي جنگ“ واري صورتحال دوران سوويت يونين جي وڌندڙ اثر کي نظر۾ رکندي، جڏهن يورپي مُلڪن ۾ ڳڻتي پيدا ٿي، ته آمريڪا انهيءَ ڳڻتيءَ جي خاتمي لاءِ کين پنهنجي نيوڪليرائي پروگرام ۾ حصيداريءَ جي پڪ ڏياري ۽ کين ڪنهن حد تائين ٽيڪنالاجي پڻ فراهم ڪئي. ان قسم جي مدد سان ڪيترن غيرنيوڪليائي يورپي مُلڪن کيب جليءَ جي پيداوار، صحت ۽ ٻين شعبن ۾ ڪارڪردگي بهتر بنائڻ جو موقعو مليو. سوويت يونين ۽ آمريڪا وچ ۾ ائٽمي هٿيارن جي ڊوڙ واري دور ۾، هي اصطلاح ”طاقت جي توازن“ کي چٽو ڪرڻ لاءِ به استعمال ڪيو ويندو هو.


Remember Me Also:

ٻاراڻي

ث. ٻالپڻو. ٻاراڻي هلت ، کيچلپائي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal